SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Non Proliferation Treaty NPT

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • nɔnəkseptəns
  • prəlifəreiʃən
  • triːtiː
  • npt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Non Proliferation Treaty NPT

نيوڪليئر نان پروليفريشن ٽريٽي

نيوڪليائي هٿيارن کي محدود ڪرڻ جو معاهدو

اقوام متحده ۾ جوهري هٿيارن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو گهڻي وقت کان ٿيندو رهيو هو. 12 جون 1968ع تي ان ڏس ۾، اقوام متحده هڪ قرارداد پاس ڪئي، جنهن جو مقصد ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ هيو. 92 ملڪن ان ٺاهه جي حق ۾ ۽ 4 ملڪن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 22 ملڪ اڻ - ڌُريا رهيا. هيءُ ٺاهه 5 مارچ 1970ع تي باقاعده عمل ۾ آيو. هن ٺاهه تحت ايٽمي طاقتن واعدو ڪيو، ته اُهي ڪنهن به غير ايٽمي ملڪ کي پنهنجي ايٽمي ٽيڪنالاجي نه ڏيندا. ان ٺاهه تحت غيرايٽمي ملڪن پڻ اهو واعدو ڪيو، ته اُهي نيوڪليائي ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندا. هن ٺاهه جا ٽي مُک اصول آهن: (1)نيوڪليائي هٿيار نه ڦهلائڻ. (2) نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ ختم ڪرڻ ۽ (3) پُرامن طريقي سان ائٽمي توانائيءَ جو استعمال ڪرڻ. اڄ تائين دُنيا جي 189 ميمبرن جون هن ٺاهه تي صحيون ڪيون آهن. چار غير ميمبر مُلڪن ۾ انڊيا، پاڪستان، اسرائيل ۽ اُتر ڪوريا شامل آهن، جن کليا کُلايا ائٽمي تجربا (اسرائيل کان سواءِ) ڪيون آهن. هيءُ معاهدو آئرلئنڊ ۽ فنلئنڊ طرفان متعارف ڪرايو ويو ۽ انهن ملڪن معاهدي تي ابتدائي صحيون به ڪيون.


Remember Me Also:

راس الجد ي

ث. جدي گهيري جو اهو ٽٻڪو، جتي سج پهچڻ سان سيارو شروع ٿئي ٿو – ڏکڻائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal